گڏيل قومون-06 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي اداري ??ونيسيف چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ 5 سالن ??ان گهٽ عمر جي هر چئن مان هڪ ٻار شديد غذائي کوٽ جو شڪار آهي. يونيسيف جي رپورٽ جي مرڪزي مصنف هيريئٽ ٽورليس مو??ب انهن ٻارن جو تعداد 18 ڪروڙ ٺهي ٿي ۽ غذائي کوٽ سبب انهن جي واڌ ويجهه ۽ ترقي تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. انهن ٻارن کي زنده رهڻ لاءِ تمام گهٽ خوراڪ دستياب آهي. يونيسيف مو??ب 5 سالن ??ان گهٽ عمر جي ٻارن کي روزاني 8 اهم گروپن مان پنج غذائون کائڻ گهرجن جن ۾ ماءُ جو کير، ا??اج، پاڙن واري ڀاڄي، ٽيوبرز ۽ پلانٽين، داليون ۽ ميوا ۽ ٻج، گوشت، پولٽري ۽ مڇي، بيضا وٽامن اي سان ڀرپور ميوا ۽ ڀاڄيون ۽ ٻيا ميوا ۽ ڀاڄيون شامل آهن. يونيسيف مو??ب اٽڪل هڪ سئو ??ان گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ رهندڙ پنج سالن ??ان گهٽ عمر جا 440 ملين ٻار غذائي غربت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، يعني کين روزاني مٿي ڏنل پنج فوڊ گروپن تائين پهچ ناهي. انهن مان 181 ملين ٻارن کي وڌ ??ان وڌ ٻن فوڊ گروپس تائين پهچ حاصل آهي.
سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي هر چئن مان هڪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهي: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز