اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اڄ پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي، اسان جي روايتي ۽ ايٽمي طاقت جو مقصد عالمي ۽ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ آهي، ان لا??ِ پوري دنيا، خاص طور تي پنهنجي پاڙيسرين سان امن ۽ دوستي چاهيون ٿا پر ڀارت جو غير ذميداراڻو طرز عمل ۽ ان طرفان لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري ??ي مسلسل خلاف ورزي جي واقعن خطي جي امن کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هو پريڊ گرائونڊ ۾ خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته اڄ جو ڏينهن هڪ عز?? جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو، اهو عز?? جيڪو يقين ۾ بدليو ته ان جي طاقت ننڍي کنڊ ??ي مسلمانن کي قائداعظ?? جي دور انديش قيادت ۾ هڪ اهڙي قوت عطا ڪري ڇڏي جنهن جي جمهوري جدوجهد جي نتيجي ۾ دنيا جي تاريخ ۽ جاگرافيائي ٻئي تبديل ٿي ويون ۽ ڀٽڪيل قوم کي دنيا جي نقشي تي هڪ دائمي ۽ واضح نظرياتي سڃاڻپ ملي وئي.
پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي: صدر ممنون حسين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ