??نڊ?? – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي انتهائي مصروف دوري کانپوءِ نيويارڪ کان ??نڊ?? پهچي ويو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيويارڪ ويل هو، ان دوران هن مختلف عالمي اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪيون ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي گڏيل قومن جي پهرين دوري دوران سندس انتهائي مصروف شيڊيول رهيو ۽ هن مختلف عالمي اڳواڻن سان لاڳيتو ملاقاتن کانسواءِ جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۽ او آءِ سي رابطا گ??وپ کي خطاب پڻ ڪيو ۽ ميڊيا کي پڻ انٽرويوز ڏنا. دوري دوران هن آمريڪا، برطانيا، اردن، تر??ي، نيپال، ايران ۽ سريلنڪا جي اڳواڻن سان ٻطرف?? معاملن تي ڳالهيون ڪيون.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون