دوشنبي – 19 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان گڏ??ل واپار کي 50 ڪروڙ ڊالر تائين وڌائڻ، فضائي سروس جي بحالي ۽ ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفا?? ڪيو جڏهن ته ان وچن کي پڻ ورجايو ويو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. اهو اتفاق راءِ صدر ممنون ح??ين ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو ويو. ملاقات کانپوءِ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر ممنون ح??ين تاجڪستان جي دوري جي دعوت تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيندي تاجڪستان جي صدر، سندس حڪومت ۽ عوام کي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي دل جي گهرائي سان مبارڪباد پيش ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری