اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان نوجوانن جو ملڪ آهي ڇو ته اسان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، اسان نوجوانن جي ان وڏي انگ کي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ هڪ عظيم سرمائي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون ته جيئن بهتر تعليم ۽ هنر جي ذريعي انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهجي، نوجوان ڪنهن به معاشري ۾ تبديلي جو اصل محرڪ هوندا آهن، اسان انهن جي توانائين کي پنهنجي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آ??ي. ??زيراعظم عمران خان سان نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار ملاقات ڪئي. نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار وزيراعظم کي ڪامياب جوان پروگرام جي 2 سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌ??يو ويو ته يوٿ انٽر پرينيور اسڪيم (وائي اي ايس) تحت ٻه سال اڳ اسڪيم شروع ٿيڻ کان وٺي هيستائين 23 ارب رپيا ماليت جا 16617 رعايتي ڪاروباري قرض ورهايا ويا آهن. وزيراعظم کي ٻڌ??يو ويو ته ڪامياب جوان اسڪل فار آل پروگرام تحت نوجوانن کي هيستائين 4.7 بلين رپين جي لاڳت سان 101447 اسڪل اسڪالرشپ سان نوازيو ويو آ??ي. ??زيراعظم کي اهو به ٻڌ??يو ويو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن جي فائدي لاءِ وڌيڪ 5 قدم به جلد شروع ڪيا پيا وڃن. انهن قدمن ۾ 106 يونيورسٽين ۾ ڪامياب جوان مرڪز قائم ڪرڻ، گرين يوٿ موومينٽ (جي وائي ايم) ڪامياب جوان انوويشن ليگ، ڪامياب جوان ٽيلينٽ هنٽ اس??ورٽس ليگ ۽ ڪامياب جوان اس??ورٽس اڪيڊميز ۽ اس??ورٽس گالا شامل آهن. وزيراعظم نوجوانن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهن کي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
پاڪستان نوجوانن جو ملڪ آهي ڇو ته اسان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔