اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول جو ??نجن ڏينهن جو الٽيميٽم زمين بوس ٿي ويو ته هاڻي 24 ڪلاڪن تي اچي ويو آهي، حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم نه ڪيو پر احساس پروگرام جي ڇٽي هيٺ 34 پروگرام جاري ڪيا، سماجي تحفظ جي پروگرام جي بجيٽ 85 ارب روپين کان وڌائي 260 ارب روپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن عمران خان حڪومت پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ته مخالف ڌر ک?? اهو به هضم نه ٿي رهيو هو. بلاول ڀٽ?? جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان بلاول کي يقين ڏياريون ٿا ته 2023ع جون چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون، بلاول جي پارٽي جو ??نجاب ۾ جيڪو حال آه?? اهو ڪنهن کان لڪل نه آهي، يونين ڪائونسل جي اليڪشن کٽڻ جي به سگهه نه آهي، اس??مبليون به قائم رهنديون ۽ وزيراعظم عمران خان به. ناڪامي ۽ رسوائي مخالف ڌر جو ??قدر آهي. بلاول ڀٽ?? جي شوقيه مارچ جي شروعات کان اڄ تائين عوامي خدمتن جي ڪنهن ايجنڊا تي ڳالهه ٿي هجي ته اسان کي ٻڌايو وڃي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ ۾ ڪيٽ شو تي سرڪاري وسيلن جو بيدردي سان استعمال ٿيو، پي ٽي آءِ جمهوري قدرن جو خيال رکندي آهي، مارچ ۾ ڪٿي به رڪاوٽ نه وڌي وئي، هاڻي مارچ ۾ ڪيترا ماڻهو آهن اهو ته بلاول ڀٽ?? به ٻڌائڻ جي همت نٿو رکي، عمران خان کان حساب گهرڻ وارا پهرين 15 سالن جو حساب سنڌ جي عوام کي ڏين ۽ 2018ع ۾ عوام عمران خان کي مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ ان جو ??دو 2023ع تائين آهي.
بلاول جو پنجن ڏينهن جو الٽيميٽم زمين بوس ٿي ويو ته هاڻي 24 ڪلاڪن تي اچي ويو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث