اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ واپاري سرگرمين کي وڌائڻ جي لاءِ ڪ??رو??اري ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏين??ي چيو آهي ته واپاري سرگرمين کي وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو وڌ کان وڌ استعمال اڻٽر آهي، صنعتڪارن جي مشاورت سان ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي بحالي ممڪن ٿي سگهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ”آسان ڪ??رو??ار پروگرام“ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين محمد اظفر احسن، غير ملڪي سفارتڪارن، واپاري تنظيمن جي نمائندن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ڪ??رو??ار ۾ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، ڪ??رو??ار ۾ آساني جي لاءِ روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪ??رو??ار سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي ڪ??رو??ار جي باري ۾ پورٽل جاري ڪرڻ جي ساراهين??ي چيو ته ان سان واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ واپار جي باري ۾ آگاهي حاصل ٿيندي. صدر چيو ته واپاري سرگرمين کي وڌائ?? لاءِ ٽيڪنالاجي جو وڌ کان وڌ استعمال اڻٽر آهي، ڪ??رو??ار ۾ آساني جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. هن تقريب جي انعقاد تي بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ ٻين ادارن کي مبارڪباد ڏين??ي چيو ته قومون سڌارن سان ترقي ڪنديون آهن، هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ملڪ کي فائدو ٿيندو، عورتن کي به ڊجيٽل سيڪٽر ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، صدر چيو ته صوبائي حڪومتن ان منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ بورڊ آف انويسٽمينٽ سان مڪمل تعاون ڪيو آهي جيڪو هڪ واکاڻ جوڳو قدم آهي، مملڪتي وزير ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين محمد اظفر احسن تقريب کي خطاب ڪن??ي چيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ ڪ??رو??اري ماحول کي سازگار بڻائڻ جي لاءِ مخ??لف قدم کنيا آهن، هڪ سئو کان وڌيڪ سڌارن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي جنهن سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، وفاقي ۽ صوبائي کاتن سان 167 سڌارن تي غور ڪيو ويو، مجموعي طور تي 75 ادارن ۾ 115 سڌارن تي عملدرآمد ڪيو ويو جنهن مان 30 کان وڌيڪ شعبن کي فائدو حاصل ٿيو آهي جنهن ۾ فوڊ پراسيسنگ، صحت جو شعبو، شمسي توانائي جو ڪ??رو??ار، جراحي اوزار ٺاهڻ واري شعبي کانسواءِ تعميرات ۽ سياحت جا شعبا شامل آهن. وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته حڪومت ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، واپاري سرگرمين کي فروغ ڏي?? لاءِ سڌارن جو عمل 2019ع ۾ شروع ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪميٽي ٺاهي ۽ ڪ??رو??ار شروع ڪرڻ ۾ آساني ٿي آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال سان سيڙپڪارن ۽ واپارين جي لاءِ مسئلن کي گهٽ ڪيو ويو آيه، هن صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪ??رو??ار جي مدد جي ضرورت تي زور ڏنو، تقريب کي عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن به خطاب ڪيو. هن صدر کي تقريب ۾ شرڪت تي مبارڪباد ڏين??ي چيو ته آسان ڪ??رو??ار پروگرام سان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ٿيندا ۽ ان سان ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، بورڊ آف انويسٽمينٽ ”آسان ڪ??رو??ار پروگرام“ جو آغ??ز ملڪ ۾ واپار جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪر?? لاءِ ڪيو آهي، ان پروگران سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪ??رو??ار کي وڌيڪ فائدو حاصل ٿيندو. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ڪ??رو??ار ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سڌارن جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ صدر بورڊ آف انويسٽمينٽ جي بزنس پورٽل جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي هن نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ به ورهايا.
واپاري سرگرمين کي وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو وڌ کان وڌ استعمال اڻٽر آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی