لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون ٽن مهينن ۾ ڪرايون وينديون. گورنر هائوس لاهور ۾ پارٽي ورڪرز ۽ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن ڀي??ي پاڪستان تحريڪ انصاف هيٺين سطح تي مناسب مشاورت کان??وء?? پنهنجي نظرياتي ڪارڪنن کي ٽڪيٽ ڏيندي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اڳوڻن وفاقي ۽ صوبائي وزيرن سميت ٻيا به ??وجود هئا. وزيراعظم چيو ته آئنده ٽڪيٽس جي نگراني پاڻ ڪندس، هن چيو ته ماضي ۾ پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي ڪجهه غلطيون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ قيمت ادا ڪرڻي پئي، تنهن ??ون??ي به ??اڻي انهن غلطين مان سکنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ انهن سياستدانن کي سبق سيکاريندي جيڪي غير ملڪي سازش جو حصو بڻيا آهن، هن چيو ته انهن غدارن ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي کي ختم ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي ۽ اسان انهن غدارن جي خلاف هر قيمت تي ۽ هر ف??رم تي وڙهنداسين، وزيراعظم اعلان ڪيو ته اڄ رات عشاءِ جي نماز کان??وء?? ايف نائن پارڪ اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته سازش جو حصو بڻجندڙ عنصرن جي سياست ايندڙ اليڪشن ۾ ختم ٿي ويندي، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان شفقت محمود کي روزاني لاهور ۾ احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه کي به ??بارڪباد ڏني.
ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون ٽن مهينن ۾ ڪرايون وينديون: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا