اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس پارٽي مسيحي برادري جي مذهبي جذبن جو احترام ڪري، نالائق، نااهل، فاشٽ، ڪرپٽ ۽ چورن کي عوام جلسي لاءِ جڳهه نٿي ڏيڻ چاهي ته ان ۾ حڪومت ڪٿان اچي وئي؟ جيڪڏهن عوام کين جلسي لاءِ نجي م??ڪيت?? جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ته ان ۾ گهرو وزير رانا ثناءُ الله جو ڪهڙو قصور آهي، عمران نيازي چاهي ٿو ته رانا ثناءُ الله زور زبردستي نجي م??ڪيت تي جلسي جو بندوبست ڪرائي، عوام عمران خان جي غلام نه آهي، حڪومت قانون تحت اها جاءِ عمران نيازي کي جلسي لاءِ نٿي ڏئي سگهي جيڪا نجي م??ڪيت آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مسيحي برادري پنهنج?? جڳهه جلسي جي لاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ڇو ته اها جاءِ عبادت لاءِ مخصوص آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان مسيحي برادري جو احترام ڪري، غنڊا گردي نه ڪري، هن چيو ته مسيحي برادري سراپا احتجاج آهي، حڪومت انهن جي احتجاج کي نظر انداز نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته عمران نيازي مذهبي م??افرت پکيڙي انهي جاءِ تي ڇو جلسو ڪرڻ تي بضد آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي گ??رن??ينٽ مري ڪاليج گرائونڊ ۽ اسپورٽس جمنازيم پسرور تي جلسو ڪرڻ جي تجويز ڇو قبول ناهي؟ ان جو صاف مطلب آهي ته عمران نيازي صرف ڊراما ڪرڻ چاهي ٿو، ان جو مقصد صرف تماشو لڳا??ڻ آهي، هن چيو ته مسل?? ۽ ??ير مسلم مذهبي اڳواڻ عمران نيازي کي سمجهائين ته مسيحي برادري جي جذبن جو احترام ڪري.
عمران خان ۽ سندس پارٽي مسيحي برادري جي مذهبي جذبن جو احترام ڪري: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں