گڏيل قومون-21 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان ۾ تباهه ڪُن ٻوڏ سبب 76 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 1500 کان وڌيڪ فوت ۽ اتڪل 80 لک بي گهر ٿي چڪا آهن. سنڌ صوبي جو ڏاکڻو عل??ئق?? بدستور پاڻيءَ هيٺ هجڻ ڪري بحران جو شڪار آهي. ٻوڏ بعد امدادي سرگرمين ۾ مصروف گڏيل قومن جي ذيلي ادارن جي گڏيل بيان مطابق پاڪستان جي قدرتي آفت سبب متاثر عل??ئق?? ۾ جتي امدادي شين جي سخت ضرورت آهي، اتي متاثرن تائين پهچڻ ب?? ڏُکيو آهي، خاص طور تي ڏکڻ سنڌ جتي هاڻي تائين علائقا پاڻيءَ هيٺ ٻُڏل آهن. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 76 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، تقريبن 80 لک بي گهر ۽ 1500 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جن ۾ 552 ٻار به شامل آهن. گڏيل قومن جي ادارن مقامي اختيارين سان گڏجي امدادي ڪاررواين جو سلسلو جاري رکيو آهي، جڏهن ته ماڻهن لاءِ مناسب مقدار ۾ خوراڪ، پناهگاهه ۽ صحت جون ضروري سهولتون دستياب ناهن. گڏيل قومن جي ٻارن جي حوالي سان اداري (يونيسيف) جي چيف آف فيلڊ آفيس بلوچستان گيريڊا بيروڪيلا بلوچستان جي حالت بيان ڪندي چيو ته هتي ٻوڏ سبب رستا ۽ پُلون پاڻيءَ جي وهڪري ۾ وهي ويون آهن ۽ هن وقت به ڪيترن ئي عل??ئق?? ۾ پاڻي بيٺل آهي. هن چيو ته هاڻي ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ دماغي مل??ريا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن جن جي علاج لاءِ دوائون به دستياب ناهن. ماڻهن لاءِ پناهگاهن جي کوٽ ۽ پائڻ لاءِ لباس تائين ناهي، پناهگيرن جي حوالي سان گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر جي ايشيا پيسفڪ لاءِ ترجمان بابر بلوچ مطابق پاڪستان ۾ 7.6 مل??ن ماڻهو ٻوڏ جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيا، جن ۾ اٽڪل 6 لک امدادي هنڌن تي ترسيل آهن. اسان جو ٻوڏ متاثر عل??ئق?? ۾ 1.2 مل??ن امدادي شيون مقامي اختيارين تائين پهچائڻ جو منصوبو آهي، جنهن مان 10 لک فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ملڪ جا ڪيترائي حصا خاص طور تي ڏکڻ سنڌ ۽ اوڀر بلوچستان جا علائقا پاڻيءَ هيٺ آهن. متاثر عل??ئق?? ۾ ٻوڏ جو پاڻي سُڪڻ ۾ 6 مهينن جو ع??صو لڳي سگهي ٿو. بابر بلوچ چيو ته پاڪستان ۾ 1.3 مل??ن رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي به ان صورتحال کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 76 لک ماڻهو متاثر، 1500 فوت، 80 لک بي گهر ۽ ماڻهن لاءِ پناهگاهن جي کوٽ ۽ کين پائڻ لاءِ لباس ناهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر