اسلام باد – 26 جنوري(اي پي پي) ڀارت جي نام نهاد يوم جمهوريه جي موقعي تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سڏ تي اسلام آب??د ۾ ڀارت جي هاءِ ڪميشن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪي?? ويو. مظاهري ۾ اوورسيز ڪشميرين جي هٿن ۾ جهنڊا کنيل هئا جيڪي ڀارتي سرڪار خلاف آزادي جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي حريت اڳواڻن چيو ته ڀارت نام نهاد جمهوريت جي نالي تي والاريل ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني قبضي ۽ ڏاڍ سان شهرين جو قتل ڪري رهيو آهي. سڄي دنيا ۾ ڪشميري ڀارت جو دهشتگرداڻو چهرو بي نقاب ڪري رهيا آهن. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي غير قانوني قبضي ۽ ڏاڍ وسيلي ڪشميرين جا حق غضب ڪري رهيو آهي. ڀارت دنيا ۾ ڪهڙو جمهوري ملڪ ??هي جنهن ۾ ڪشميرين کان سندن بنيادي حق به ک??يا ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر