اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ کي سماج?? ۽ ??قتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ جي لاءِ رڳو قدرت?? ۽ ??نساني وسيلا ڪافي نه آهن، دانشمندي، پاليسين ۾ مستقل مزاجي، پريشانين کان پاسو ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان فعال تعاون ملڪ کي ترق?? جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ گلگت بلتستان حڪومت جي اهتمام هيٺ ”جي بي ڊريم روڊ شو“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد خان، جي بي حڪومت جي وزيرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته گلگت بلتستان کيس تمام عزيز آهي ۽ هن سدائين هن خط?? جي سياحتي جاين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بطور سفير هن خط?? جي نمائندگي ڪئي، سياحن کي علائقي ۾ سهولتون فرا??م ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته گلگت بلتستان قدرتي وسيلن جهڙن معدنيات، قيمتي جواهرات ۽ ميون سان مالامال آهي، اسان کي جواهرات جي ڪٽائي ۽ فنشنگ جي لاءِ سائنسي طريقا استعمال ڪرڻ جي ضرورت آه?? ۽ ??هڙي طرح جي ڪم لاءِ گهربل هنر تمام گهٽ وقت ۾ سکي سگهجي ٿو، خط?? جي نوجوانن جي لاءِ آءِ ٽ?? جي مهارت جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته آءِ جي مهارت رکندڙ ماڻهو آن لائين پليٽ فارمز جي ذريعي پاڪستان ۾ رهندي ٻين ملڪن ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪري پنهنجي لاءِ روزگار پيدا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر عورتن کي روزگار جا موقعا پڻ فرا??م ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي جنهن سان اهي پنهنجي گهرن مان ڪم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته مختلف تعليمي پس منظر سان تعلق رکندڙ 2.4 ملين ماڻهن وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام، ڊيجي اسڪلز مان فائدو کنيو آهي، ملڪ جي نوجوانن ۽ عورتن کي اهم ۽ قابل مارڪيٽ ڊيجيٽل مهارت فرا??م ڪرڻ جي لاءِ اهڙن پروگرامن کي اختيار ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته گلگت بلتستان جو هڪ شاگرد جنهن ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام سان پنهنجي تربيت حاصل ڪئي اهو اٽڪل هڪ لک ڊالر ڪمائي رهيو آهي. صدر چيو ته جي ب?? جي لاءِ زراعت جي ميدان ۾ به عمودي آبادگاري ۽ ڊرپ فارمنگ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، جي بي نه رڳو پنهنجي خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو پر ان ۾ هالينڊ وانگر دنيا کي برآمد ڪرڻ جي صلاحيت آه?? جيڪو پاڪستان کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ آهي پر دنيا ۾ خوراڪ پيدا ڪندڙ ٻيو وڏو ملڪ سڏرائي ٿو. هن چيو ته آئيڊياز جي بهتات آهي پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته حقيقي ترقي ڪميونٽ?? جي حصيداري کانسواءِ ممڪن نه آه?? ۽ ??ي ب?? جي ماڻهن کي علائقي ۾ ترق?? جي فروغ لاءِ پوري طرح ۽ فعال طور تي مصروف عمل ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد شاهه چيو ته ماضي ۾ جي بي کي وسيلن جي ورڇ جي حوالي سان نظرانداز ڪيو ويو ۽ جيڪي فنڊز ڏنا ويندا هئا اهي اڪثر پگهارن بابت خرچن ۾ خرچ ٿيندا هئا. هن چيو ته سندس حڪومت گذريل ٻن سالن کان ترق?? جي لاءِ وڌيڪ فنڊز مختص ڪري رهي آه?? ۽ ??ن جو ڌيان ترقي طرف آهي، اسان جي ترجيحن ۾ خاص طور تي مختلف رستن جي ذريع?? جي ب?? جي باقي ملڪ سان رست?? جي رابطي کي بهتر بڻائڻ، تعليم جي شعب?? جي اصلاح، خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ زراعت جي شعبي کي فروغ ڏيڻ، صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ ۽ مقامي حڪومتن جي نظام ۾ سڌارا شامل آهن. تقريب ۾ شعيب سلطان آغا خان جي بي بابت رورل سپورٽ پروگرام سان پنهنجي ڊگهي سفر جو احوال ٻڌايو ۽ چيو ته هن رورل سپورٽ پروگرام جي لاءِ 40 سالن تائين ڪم ڪيو ۽ اها ماڻهن ۽ ڪميونٽ?? جي حمايت ئي هئي جنهن ان کي ڪامي??ب بڻايو. ان کان اڳ صدر شو جي مختلف اسٽالز جو پڻ دورو ڪيو.
ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ جي لاءِ رڳو قدرتي ۽ انساني وسيلا ڪافي نه آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ