ڪراچي – 06 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پ??پل??پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي هندو برادري سميت سڄي دنيا ۾ هولي ملهائيندڙن کي رنگن جي ڏڻ جي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب پ??پل??پارٽي جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هولي جو ڏڻ معاشري ۾ ڀائيچاري جي فروغ ۽ تلخين کي وساري اڳتي وڌڻ جي علامت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي هندو برادري جو ملڪ جي ترقي ۽ قوم سازي ۾ سدائين فخر جوڳو ڪردار رهيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جو آئين جيڪو ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قوم کي هڪ ??حفو آهي، اقليتن سميت سمورن شهرين کي هڪ ??هڙا حق ڏي ٿو. هن چيو ته هر قسم جي امتياز جو خاتمو، رواداري ??ي فروغ ۽ مساوات تي بيٺل معاشري جو قيام پاڪستان پ??پل??پارٽي جو نصب العين آهي. هن چيو ته بطور قوم جي باني وڏن جي نظريي جي واحد علمبردار پاڪستان پ??پل??پارٽي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي بابت پنهنجي اڻٿڪ عزم سا?? گڏ بيٺل آهي.
بلاول ڀٽو زرداري پاران پاڪستان جي هندو برادري سميت سڄي دنيا ۾ هولي ملهائيندڙن کي رنگن جي ڏڻ جُون مُبارڪُون
مضمون کا ماخذ : números quina hoje