راولپنڊي-06 آگسٽ (اي پي پي)پاڪ فو?? جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهيون ٿينديون ته صرف پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت وچ ۾ ٿينديون، ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا جٿي سان نه ڳالهيون نه ڪيون ??ين??يون، اسلام سلامتي ۽ امن جو دين آهي، جن ان دين کي دهشتگرديءَ جي ور چاڙهيو انهن کي جواب ڏينو پوندو. افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پاڪستان جي قانونن مطابق رهڻو پوندو. هو پشاور ۾ تاريخي گرينڊ جرڳي کي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر مطابق پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف چيو ته فو?? ۽ سيڪيورٽي ادارا ۽ پاڪستان جو عوام هڪ آهن جيڪي ماڻهو امن کي برباد ڪرڻ چاهين ٿا اهي اسان مان ناهن. هن چيو ته پاڪستاني فو?? شهيدن جي فو?? آهي جنهن جو نعرو آهي ايمان، تقويٰ ۽ جهاد في سبيل الله. اسان اوهان مان آهيون ۽ اوهان اسان مان آهيو. پاڪستان ڪلمي ??ي بنياد تي بڻجندڙ ٻي رياست آهي. افغان حڪومت کي مخاطب ٿيندي آرمي چيف چيو ته ڇا احسان جو بدلو احسان کان علاوه ڪجهه ٻيو ٿي سگهي ٿو؟ هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ حاڪميت صرف الله جي آهي، هي خوارج ڪهڙي شريعت آڻڻ چاهين ٿا؟ هن چيو ته پاڪستان جي بهادر فو?? دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندي. هن چيو ته دهشتگردن وٽ رياست آڏو سر تسليم ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو رستو ناهي، اسان الله جي رستي ۾ جهاد ڪري رهيا آهيون ۽ ڪاميابي اسان جي ئي ٿيندي، انشاءَ الله. هن چيو ته پاڪ فو?? جو مقصد ۽ نصب العين شهيد يا غازي آهي. هن چيو ته ڪي پي پوليس هڪ شاندار فو??س آهي ۽ ان جون بي پناهه قربانيون آهن، پاڪستان حڪومت جي منظوريءَ کانپوءِ قبيلن جي ضم ٿيڻ جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ??ين??و. اسان ضم ٿيل قبائلي عوام جي معاشي ترقيءَ جي حوالي سان ترقياتي منصوبن ۾ انهن جي شرڪت يقيني بڻائينداسين. آرمي چيف چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت سان ملي ڪري نَون ضم ٿيلن ضلعن ۾ 81 ارب رپين جي ماليات جا ترقياتي ۽ فلاح بهبود جا منصوبا شروع ڪيا ??ين??ا. ڪي پي ڪي حڪومت سان ملي نَون ضم ٿيل ضلعن ۾ پوليس جي 43 منصوبن کي 7 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ??ين??و ۽ 54 زيرِ تعمير منصوبن جي جلد مڪمل ٿيڻ ۾ سموري مدد فراه?? ڪئي ??ين??ي. قبائلي مشيرن چيو ته قبائلي عوام فو?? سان گڏ هئي ۽ فو?? سان رهندي، آخر ۾ قبائلي مشيرن ملڪي ترقي ۽ خوشحاليءَ سميت امن لاءِ خصوصي دُعا ڪئي.
ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا جٿي سان نه ڳالهايو ويندو، دين کي دهشتگردي جي ور چاڙهيندڙن کي جواب ڏيڻو پوندو، افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پاڪستان جي قانون مطابق رهڻو پوندو: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا