اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مهانگي ٿرمل توانائي کي 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي انقلابي قدم تحت ??ڪو??ت بجلي جي پيداوار جي لاءِ شمسي توانائي جي انقلابي منصوبن جي شروعات ڪئي آهي جنهن تحت گذريل ڏينهن هڪ لک ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي پروگرام جي شروعات ڪئي وئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ??ان آبادگارن کي سستي بجلي ملندي. وزيراعظم چيو ته ان قدم ??ان زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ خوراڪ جي ضرورتن ۾ پاڻڀرائپ حا??ل ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ا??ان جي معيشت هائي پاور ٽيرف ??ان ترقي نه ٿي ڪري سگهي، ا??ان کي مهانگي ٻارڻ تي هلندڙ پاور پلانٽس کي تبديل ڪرڻو پوندو، مهانگي ٻارڻ ??ان هلندڙ پاور پلانٽس عوام تي بار ۽ گردشي قرضن ۾ اضافي جو سبب آهن. وزيراعظم چيو ته ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن منصوبي تي 377 ارب رپيا خرچ ٿيندا. هن چيو ته سولر، نيوڪليئر ۽ ڪول پاور منصوبن کانسواءِ مخلوط ??ڪو??ت هائيڊرو پاور منصوبن جي ترقي تي پڻ ڌيان ڏنو آهي، ا??ان ڀائر ملڪ سعودي عرب کي د??امير ڀاشا ڊيم ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي.
مهانگي ٿرمل توانائي کي 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي انقلابي قدم تحت حڪومت بجلي جي پيداوار جي لاءِ شمسي توانائي جي انقلابي منصوبن جي شروعات ڪئي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر