اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته علائقائي اخبارن ۽ صحافين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحاف??ن جي لاءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان ۽ يقيني بڻا??و ويندو. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد جي قيادت آر آءِ يو جي جي صدر سيد قيصر عباس شاهه ڪري رهيو هو. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پرنسپل انفارميشن آفيسر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ صحت ڪارڊ ۽ ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ جي درخواست ڪئي ۽ اخبارن جي مالڪن پاران ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي، صحافين ۽ ريجنل اخبارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان وفد کي خاطري ڪرائي ته ريجنل اخبارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحاف??ن جي لاءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻا??و ويندو. هن چيو ته هو صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي نگراني ۾ جامع پاليسي جوڙيندو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. وفد ۾ ملڪ رشيد، راحيل انور سواتي، ضرار فريد، عارف ملڪ، عمران ??قص??د ۽ مظفر ڀٽي پڻ شامل هئا.
علائقائي اخبارن ۽ صحافين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا: ڊاڪٽر طارق محمود خان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے