اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي)ملڪ ۾ خميس ڏينهن 8 فيبروري تي عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل مقرر وقت تي شروع ٿيو جيڪو بنا وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهيو، سڄي ملڪ ۾ قائم مختلف پولنگ اس??يشنن تي ووٽرن جون ڊگهيون قطارون موجود آهن، وڏ?? تعداد ۾ عور??ون?? بزرگ شهري ۽ نوجوان پنهنجي ووٽ جي حق کي اس??عمال ڪرڻ لاءِ پولنگ اس??يشنن تي پهچي رهيا آهن، چونڊ عمل کي پرامن بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن، ڏيهي ۽ پرڏيهي مبصر مختلف پولنگ اس??يشنن جو دورو ڪري چونڊ عمل جو مشاهدو ڪري رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف، اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اس??حڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ جهانگير ترين ۽ ٻين سياسي شخيصتن پنهنجي پنهنجي تڪن تي پولنگ اس??يشنن تي وڃي پنهنجو ووٽ اس??عمال ڪيو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطانه راجا مرڪزي اليڪشن مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽر ۾ پاڻ اليڪشن عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر مختلف پولنگ اس??يشنن جو دورو ڪري چونڊ عمل جو پاڻ جائزو وٺي رهيا آهن. 12 ڪرور 79 لک 21 هزار 49 رجسٽرڊ ووٽرز 17 هزار 758 اميدوارن مان قومي ۽ صوبائي اس??مبلي جي 855 تڪن ۾ پنهنجي اميدوارن جي چونڊ ڪندا. قومي اس??مبلي جي هڪ ۽ صوبائي اس??مبلي جي ٽن تڪن سميت چئن چونڊ تڪن ۾ اميدوارن جي لاڏاڻي سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي. سڄي ملڪ ۾ 14 لک 90 هزار چونڊ عملو مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 90 هزار 675 پولنگ اس??يشنز ۽ 2 لک 66 هزار 398 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن، هر تڪ جو غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجو رٽرننگ آفيسر جي آفيس مان جاري ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن طرفان جاري تفصيلن موجب پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي ۽ بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندو. اس??ام آباد مان قومي اس??مبلي جي 3 سيٽون آهن جن تي 10 لک 83 هزار 29 ووٽرز پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪندا. پنجاب مان قومي اس??مبلي جي 114 ۽ صوبائي اس??مبلي جي 296 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 7 ڪروڙ 32 لک 7 هزار 896 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق اس??عمال ڪندا. سنڌ مان قومي اس??مبلي جي 61 ۽ سنڌ اس??مبلي جي 130 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 2 ڪروڙ 69 لک 94 هزار 769 ووٽرز پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا. خيبرپخ??ون??وا مان قومي اس??مبلي جي 44 ۽ صوبائي اس??مبلي جي 113 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 2 ڪروڙ 12 لک 63 هزار 408 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق اس??عمال ڪندا. قومي اس??مبلي جي 265 سيٽن لاءِ 5 هزار 113 اميدوار ميدان ۾ آهن جن ۾ 312 عورتون به شامل آهن. چئني صوبائي اس??مبلين ۾ مقابلي ۾ اميدوارن جو انگ 12 هزار 645 آهي جن ۾ 570 عورتون شامل آهي، بلوچستان مان قومي اس??مبلي جي 16 ۽ صوبائي اس??مبلي جي 51 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 53 لک 71 هزار 947 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق اس??عمال ڪندا، قومي اس??مبلي جي ايڪ اين اي 8 باجوڙ، پي ڪي 22 باجوڙ، پي ڪي 91 ڪوهاٽ، پنجاب اس??مبلي جي تڪ پي پي 266 رحيم يار خان ۾ اميدوارن جي لاڏاڻي سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ 16 هزار 766 پولنگ اس??يشنن کي انتهائي حساس، 29 هزار 985 کي حساس جڏهن ته 44 هزار 26 پولنگ اس??يشنن کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي. پنجاب ۾ 5 هزار 624 پولنگ اس??يشنون حساس ترين قرار ڏنيون ويون آهن، هر پولنگ اس??يشن تي 5 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ 430 پولنگ اس??يشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي جتي هر هڪ پولنگ اس??يشن تي 8 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح خيبرپخ??ون??و ا ۾ 4265 حساس پولنگ اس??يشنن مان هر هڪ پولنگ اس??يشن تي 9 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.بلوچستان ۾ 1047 پولنگ اس??يشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جن مان هر هڪ پولنگ اس??يشنن تي 9 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ميڊيا پاران پولنگ اس??يشنن جا نتيجا پولنگ ختم ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ جاري ڪري سگهجن ٿا، ووٽ اصل قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي ئي ڪاسٽ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته مدو ختم ٿيل سڃاڻپ ڪارڊن تي پڻ ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهجي ٿو، اليڪشن ڪميشن پاران هلندڙ سال عام چونڊن لاءِ 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز شايع ڪيا ويا آهن. عام چونڊن جي نتيجن جي ترسيل لاءِ الڪيشن مينيجمينٽ سسٽم (ايم ايم ايس) اس??عمال ڪيو ويندو، پولنگ اس??يشن تي امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پرزائينڊنگ آفيسرن کي ميجسٽريٽ درجه اول جو درجو ڏنو ويو آهي، حساس ترين پولنگ اس??يشنن تي پاڪ فوج مقرر آهي، مبصرن ۽ ميڊيا کي پولنگ اس??يشنن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي، سڄي ملڪ 144 ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ۽ 859 رٽرننگ ۽ اس??ٽنٽ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. ڪل هڪ لک 91 هزار 526 پرزائينڊنگ آفيسر ۽ 7 لک 85 هزار 60 اس??ٽنٽ پرزائينڊنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. 5 هزار ڊيٽا انٽري آپريٽرز کي اي ايم ايس ذريعي نتيجن جي جوڙجڪ ۽فراهمي لاءِ رٽرننگ آفيسرن سان ڳنڍيو ويو آهي.
عام چونڊن لاءِ سڄي ملڪ ۾ پولنگ پرامن ماحول ۾ جاري، پولنگ اسٽيشنن تي ووٽرن جون ڊگهيون قطارون
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ