اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چي?? آهي ته والاريل فلسطيني عل??ئقي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ رف?? ڪراسنگ تي ??ملي ۽ گهيراءُ جي مذمت ڪندي چي?? ته اسرائيل کي عالمي انساني قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. اسرائيل پنهنجي تازه ڪاررواين مان ثابت ڪيو آهي ته هو عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزي ۽ غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو مرڪتب ٿي رهيو آهي. هن فوري جنگبندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي محصور ماڻهن ج?? لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي ??ور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? ته ڪيترن ئي مهينن کان فلسطينين تي ??سرائيلي جارحيت ڪئي پئي وڃي، فلسطينين تي ??لم ۽ ڏاڍ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ عالمي ادارن کي فلسطينين تي ??اري ڏاڍ جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان چي?? ته پاڪستان عالمي سطح ۽ فورمز تي ??زه ۾ جاري ظلمن ۽ غزه ۾ ٻارن ۽ عورتن تي ??لمن جي مذمت ڪئي آهي. هن پاڪستان جي ان اصولي موقف هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل ج?? لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چي?? ته ڪشمير هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ترجمان گيمبيا ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي پڌرنامي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت او آءِ سي جي موقف کي ساراهيندي چي?? ته اجلاس ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت ڪئي.
پاڪستان پاران غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ