بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪالهه سومر ڏينهن چين جي دوري ج?? موقعي تي بيجنگ ۾ گيزوبا گروپ جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي. گيزوبا گروپ انرجي چائنا جو ذيلي ادارو آهي ??يڪو پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪندڙ چين جي ناليواري ڪمپني آهي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم شانگلا ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي چيئرمين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ??نه?? ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا هئا. هن ان ڪڌي حملي ج?? ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي ج?? خاطري ج?? لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ گيزوبا گروپ جي تعاون جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي قابل تجديد ۽ هائيڊل سيڪٽر ۾ پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي ??نه?? جي لاءِ گيزوبا گروپ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سي پيڪ جي فيز 2 تحت پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي فراخدلي سان مراعتن جي آڇ ڪئي آهي ??نه?? کي گيزوبا گروپ پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري مقصدن کي وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. گيزوبا گروپ جي چيئرمين پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت کي ي??يني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪندي ۽ تعاون جي نئين شعبن ۾ آپريشنز کي وڌيڪ سگهه ڏيندي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي گيزوبا گروپ جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج