اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر اداڪار ۽ ڪاميڊين سر??ار ڪمال جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعز??ت واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم?? جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سر??ار ڪمال هڪ عظيم فنڪار هو، سندس لاڏاڻ?? جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته سر??ار ڪمال جي لاڏاڻي سان پاڪستان شوبز انڊسٽري هڪ عظيم فنڪار کان محروم ٿي وئي آهي. سر??ار ڪمال هڪ اهڙو فنڪار هو جنهن سدائين ٻين جي چهرن تي مسڪراهٽون پکيڙيون. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان سان گڏ آهيون. مرحوم جي شوبز انڊسٽر?? جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي ??بر عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔