اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رات دير تائين پاڪستاني جيولين ٿرو ايٿليٽ، ارش?? نديم جي پيرس اولمپڪس ۾ پرفارمنس کي سڌوسنئون ڏٺو ۽ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقابلن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ارش?? نديم جي شاندار ڪاميابي ۽ جيولين ٿرو ۾ نئون اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ تي پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هنيو. وزيراعظم ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقابلن ۾ تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان جيڪا فصل خادم اعليٰ پنجاب طور يوٿ فيسٽيول جي ذريعي پوکيءَ، ان جا شاندار ثمر سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري رهيا آهن، منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته ارش?? نديم جهڙي باصلاحيت نوجوان کي دريافت ڪرڻ جي لاءِ الله رب العزت مون ناچيز کي وسيلو بڻايو. ان کان اڳ وزيراعظم ارش?? نديم کي نه رڳ?? سوني جو تمغو کٽڻ تي پر اولمپڪس جو نئون عالمي رڪارڊ به قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پوري قوم کي ارش?? نديم تي فخر آهي. هن چيو ته ارش?? نديم پوري پاڪستاني قوم کي تمام گهڻو خوبصورت تحفو ڏنو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:17
وزيراعظم پاران پاڪستاني جيولين ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس مقابلن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا