اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) ??جڪ??ري، س??ڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته خساري وارن ادارن جي ??جڪ??ري ڪري ملڪي خزاني جي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي. اهڙو اظهار هن ??جڪ??ري ڪميشن بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ وفاقي سيڪريٽري سميت بورڊ ميمبرن شر??ت ڪئي. اجلاس ۾ ادارن جي ??جڪ??ري بابت اهم معاملن جي منظوري ۽ ڊسڪوز، پي آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي ??جڪ??ري جي معاملن تي غور ڪيو ويو. شر??ت ڪندڙن ??جڪ??ري ٿيندڙ ادارن لاءِ فنانشل ايڊوائيزرز جي مقرري ۽ ٻين فني معاملن تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير، ??جڪ??ري ڪميشن بورڊ جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي معيار وارن ادارن کان فنانشل ايڊوائيزرز جي شموليت سٺي ڳالهه آهي. اسان کي قومي مفاد ۾ بهتر کان بهتر ۽ ٺوس فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته قومي خزاني کي تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي، هاڻي وڌيڪ مالي دٻاءُ جي سٽ سهي نٿو سگهي، جيڪي ادارا به قاعدن ۽ ضابطن تي پورا لهن ٿا انهن کي ??جڪ??ري جي عمل ۾ ضرور شامل ڪريو. ??جڪ??ري ڪميشن بورڊ ٻين معاملن کانسواءِ بورڊ جي گذريل اجلاس جي ڪارروائي جي منظوري ڏني، بورڊ کي نيويارڪ کان پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل جي فني معاملن ۽ مختلف امڪانن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي.
خساري وارن ادارن جي نجڪاري ڪري ملڪي خزاني جي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت