اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ مسافر بس تي دهشتگرد حملي تي شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان جي شديد مذمت ڪئ?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم مقامي انتظاميا کي پونئيرن سان مڪمل تعاون ۽ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي واقعي جي فوري جاچ جي هدايت ڪندي چيو ته ان واقعي جي ذميوار دهشتگردن کي سزائون ڏنيون وينديون. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ??نه?? به قسم جي دهشتگردي قطعي طور تي قبول نه آهي، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis