اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس مالم جبا ۽ سوات ۾ پوليس وين تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چي?? آهي ته آچر ڏي??هن مالم جبا ۽ سوات جي دوري کانپوءِ اسلام آباد ويندڙ سفارتڪارن جي هڪ گروپ هڪ واقعي جو مشاهدو ڪيو. ترجمان چي?? ته ان واقعي ۾ هڪ ايڊوانس اسڪائوٽ پوليس جي گاڏي کي آءِ اي ڊي سان نشانو بڻايو ويو ج??هن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ترجمان چي?? ته سفارتڪارن جو اهو گروپ حفاظت سان اسلام آباد پهچي ويو آهي. ترجمان چي?? ته اسان جون همدرديون ان واقعي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار ۽ ٽنهي زخمين جي وارثن سان گڏ آهن. هن چي?? ته اسان پنهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو احترام ڪريون ٿا جيڪي دهشتگردن آڏو ثابت قد?? رهن ٿا. اهڙي طرح جا قدم پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ جي عزم کي روڪي نٿا سگهن.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون