اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ تعميرات جي شعبي ۾ حڪومتي مراعاتي پئڪيج جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين ۽ مختلف هائوسنگ منصوبن جي تعمير جي ح??الي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، سامونڊي معاملن ??اري وفاقي وزير سيد علي ح??در زيدي، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي ح??در ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪاروباري برادري جي نمائندگي ناليواري ڪاروباري شخصيت عارف حبيب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مو??ب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي پاليسين جي ڪري معاشي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي. ڪورونا جي ڪري نه رڳو علائقائي پر سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي پر حڪومت جي بهتر حڪمت عملي جي ڪري جتي ڪورونا جي نقصانن کي ه?? ممڪن حد تائين روڪيو ويو اتي ڪورونا ۾ گهٽتائي آڻڻ کانپوءِ ملڪ ۾ معاش?? سرگرميون وڌي رهيون آهن. ان حوالي سان عارف حبيب فرٽيلائيزرز، اسٽيل جي شعبي، ريئل اسٽيٽ ۽ ٻين شعبن ۾ جولاءِ جي مهيني ۾ سامهون ايندڙ بهتري بابت وزيراعظم کي بريف ڪيو. عارف حبيب ڪاروباري برادري ۽ خاص طور تي تعميراتي شعبي سان واڳيل ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن جي نمائندگي ڪندي حڪومت پاران مراعاتي پئڪيج، سهولتڪاري ۽ نظام کي آسان بڻائڻ جي ح??الي سان وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت پاران تعميرات جي شعبي ۾ تاريخي مراعتن ۽ سهولتڪاري سان ڪاروباري برادري جي ح??صلا افزائي ٿي آهي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ تعميرات جي شعبي بابت جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada