نيويارڪ – 21 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ تڪرارن، جنگ، غربت، اڻبرابري، مذهبي عدم برداشت ۽ موسمياتي تبديلي جي عالمي چيلنجن کي اجاگر ??ند?? جنگ سبب تباهه غزه ۾ فلسطيني?? جي مسئل?? جي خاتمي لاءِ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. نيويارڪ ۾ گڏيل قوم?? جي هيڊ آفيس ۾ نوروز جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد هڪ خاص تقريب کي خطاب ??ند?? سفير منير اڪرم چيو ته نوروز رڳو جشن جو نالو ناهي، اهو عڪاسي جو وقت آهي. هن چيو ته ان موقعي ت?? اچو فلسطين ۾ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد ياد ڪريو?? جيڪي جاري الميي ۽ تڪرارن کي برداشت ڪري رهيا آهن، ڇو جو اسان سڀني لاءِ امن ۽ انصاف جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون. ان خاص تقريب جو اهتمام افغانستان، آذربائيجان، ڀارت، ايران، عراق، قازخستان، ڪرغزستان، پاڪستان، تاجڪستان، ترڪي، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان طرفان ڪيو ويو. سفير نوروز جي روح کي بيان ڪرڻ لاءِ ان موقعي ت?? مشهور پاڪستاني شاعر ناصر ڪاظمي جي شعرن جو حوالو ڏيندي ان کي اميد، خوشي ۽ برڪت جو تهوار قرار ڏنو. منير اڪرم پاڪستا?? جي وزيراعظم جي پيغام جو حوالو ڏيندي نوروز ملها??ين??ڙن کي مبارڪون پيش ڪيون. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ نوروز کي ثقافتي هم آهنگي ۽ اتحاد کي هٿي ڏيڻ جو هڪ موقعو قرار ڏنو آهي. هن نوروز ملها??ين??ڙ ڪميونٽيز طرفان بهتر پاڪستا?? جي تعمير لاءِ سهڪار تي ٿورو مڃيو. پاڪستا?? جي ڀرپور ثقافتي ورثي جي عڪاسي ??ند?? سفير نوروز ۽ سنڌ جي وادي جي قديم تهذيب وچ ۾ تعلق جو اظهار پڻ ڪيو. سفير نوروز جي جشن ذريعي امن، يڪجهتي ۽ مفاهمت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستا?? جي عزم تي زور ڏنو.
عالمي نوروز ڏهاڙي تي گڏيل قومن ۾ خاص تقريب، پاڪستان جو غزه ۾ فلسطينين لاءِ انصاف جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن