اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ش??هد خاقان عباسي غريب ۽ مستحق ماڻهن کي غربت ما?? هميشه لاءِ ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي گريجوئيشن پلان جي لاءِ بهترين عالمي طريقن ۽ ماضي جي تجربن کي استعمال ۾ آڻڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن اها ڳالهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ما?? فائدو حاصل ڪندڙن جي لاءِ گريجوئيشن پلان جي باري ۾ بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرس?? ماروي ميمڻ، بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عمر حميد خان ۽ ٻيا سينئر آفيسر به ??جلاس ۾ موجود هئا. وزيراعظم کي گريجوئيشن جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو جيڪو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ما?? فائدو حاصل ڪندڙن کي انهن جي گهريلو آمدني ۾ اضافي، هنرمند بڻائڻ ج?? تربيت ۽ انساني وسيلن جي ترقي سان گڏوگڏ ڀلائي کي فروغ ڏئي کين غربت جي چنبي ما?? هميشه لاءِ ڪڍڻ لاءِ جوڙي پئي وڃي.
وزيراعظم جي گريجوئيشن پلان بابت بريفنگ جي موقعي تي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری