هراري- 06 ڊسمبر (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) زم??اب??ي کي ڪالرا (هيضه) بيماري تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد لاءِ سامان ۽ دوائن جو عطيو ڏنو آهي. ڊبليو ايڇ او جي آفريقا بابت ريجنل ڊائريڪٽر ماتشيڊ يسوموتي ز????اب??ي جي صحت ۽ ٻارن جي سارسنڀال جي وزير ڊگلس مومبشورا کي سامان ۽ دوائن جي کيپ حوالي ڪندي چيو ته اسان سڀني کي ڪالرا جي وبا کي ختم ڪر?? جي پنهنجي ڪوششن کي ٻيڻو ڪرڻو آهي. ڪميوٽي کي متحرڪ ڪرڻو آهي ۽ کين علاج جي مرڪزن ۾ منتقل ڪرڻو آهي ته جيئن هو علاج حاصل ڪن جنهن سان زندگي بچي ويندي آهي. هن چيو ته هي عطيو تمام وڏو اثر وجهندڙ آهي ان وبا کي جلد کان جلد ختم ٿيڻو آهي. واضح رهي ته زم??اب??ي ۾ 30 نومبر تائين هيضي جي مجموعي طور تي 9895 شڪي ڪيسز رڪارڊ ڪيا ويا، جن مان 9466 صحتياب ٿيا ۽ 53 جي فوتگي جي تصديق ٿي چڪي آهي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن