گڏي?? قومون-07 مارچ (اي پ?? پي) گڏي?? قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس سان گڏي?? قومن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. پريس رليز موجب 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن مل??ائڻ جي حوالي سان تفصيلن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃ??. 2022ع ۾ گڏي?? قومن جي 193 ميمبرن تي ٻڌل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪئي، جنهن کي پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم طرفان متعارف ڪرايو، جنهن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن طور تي مل??ائڻ جو اعلان ڪيو ويو. قرارداد پيش ڪندي پاڪستاني نمائندي منير اڪرم چيو هو ته ان ڏينهن کي مل??ائڻ جو مقصد عالمي سطح تي رواداري ۽ امن جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ آهي. قرارداد کي او آءِ سي جي 57 ميمبرن ۽ چين ۽ روس سميت 8 ٻين ملڪن اسپانسر ڪيو.
پاڪستاني نمائندي منير اڪرم پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سان اسلامو فوبيا جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais