واشنگٽن – 23 ڊسمبر (اي پي پي)آمريڪي صدر جوبائيڊن اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ مهيني نئ??ن چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري م??ابق هن آمريڪي صحافي جي سوال جي جواب ۾ چيو ته مان يقيني طور نئ??ن چونڊيل صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندس. وائيٽ هائوس طرفان گذريل مهيني جاري بيان ۾ چيو ويو هو ته صدر جوبائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن ٽرمپ جي حلف برداري ۾ شرڪت ڪندا. ان کان علاوه جوبائيڊن پاڻ به گذريل آگسٽ ۾ و??عدو ڪري چڪو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ هو جنوري 2025ع ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وائيٽ هائوس جي ڊپٽي پريس سيڪريٽري اينڊريو بيٽس چيو ته صدر جوبائيڊن ۽ خاتون اول نئ??ن صدر جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت جي واعدي کي پورو ڪندا.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia