گڏيل قومون 31 ڊسمبر (اي پي پي ) جن??وا ۾ قائم گڏيل قومن جي ايجنسي ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن ( ڊبليو ايم او) سال 2024?? کي ريڪارڊ گرم ترين سال قرار ڏنو آهي جن??ن دوران زمين جي سراسري گرمي پد ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گ??يڊ اضافو ريڪارڊ ٿيو آهي. ڊبليو ايم او جي سيڪريٽري جنرل سيلسٽي سائولو چيو ته اداري پاران 2024?? دوران آبهوا جي صورتحال جي باري ۾ بار بار ??يڊ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هن سال اسان گهڻن ملڪن ۾ ريڪارڊ ٽوڙ برساتن ۽ ٻوڏ جي واقعن ۽ جانين جو خوفناڪ نقصان ڏٺو آهي. سال 2024?? دوران سامونڊي طوفان خوفناڪ جاني ۽ معاشي نقصان جو سبب بڻيو. سال 2024 ع دوران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻهن گرمي کي برداش?? ڪيو. ان سان گڏو گڏ ٻيلن ۾ لڳل باهه به وڏي پيماني تي تباهي آندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ان حوالي سان نئين سال جي پيغام ۾ چيو ته اڄ مان باضابطه طور تي اطلاع ڪري سگهان ٿو ته اسان به هڪ اهڙي ڏهاڪي کي مڪمل ڪيو آهي جن??ن دوران ماڻهن شديد ترين گرمي کي برداش?? ڪيو اهو ڏهه سال ريڪارد تي گرم ترين سال رهيو. هن چيو ته اها صورتحال آبهوا ۾ تبديلين جو نتيجو آهي اسان کي انهن تبديلين جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن . ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد ۾ اضافي بابت رپورٽ ۾ آبهوا جي تبديلين جي نتيجي ۾ 2024 ع دوران خطرناڪ گرمي جي مدي ۾ 41 ڏينهن جو اضافو ريڪارڊ ٿيو جن??ن ۾ انساني صحت ۽ ماحولياتي نظام کي نقصان پهتو. آبهوا جي تبديلين 29 شديد موسمي حالتن مان 26 جي شدت ۾ اضافو ڪيو جن ۾ 3700 ماڻهو فوت ۽ لکين بي گهر ٿيا.
ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن پاران سال 2024ع کي ريڪارڊ گرم ترين سال قرار ڏنو ويو
مضمون کا ماخذ : loteria estadual