ٺٽو – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ٺٽي ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ٺٽي جي عوام جي مطالبن کان وڌيڪ انهن جي لاءِ اعلان ڪيا، وزيراعظم جي اعلانن جي زبردست آجيان ڪئي وئي ۽ جلسي ۾ موجود ماڻهن ڀرپور تاڙيون ۽ نعرا هنيا. عوامي جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو ٺٽي اچي تمام گهڻو خوش آهي هن عوام پ??ران والهاڻي محبت جي اظهار تي چيو ته هو ٺٽي جي عوام سان محبت جي ر??تي ۾ واڳيل آهي ۽ ساڻن دوستي ۽ م??بت نڀائيندو. وزيراعظم ٺٽي، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان جي لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته عوام پ??جوش انداز ۾ تاڙيون وڄايون ۽ نعرا هڻڻ شروع ڪ??ي ڇڏيا جنهن تي وزيراعظم چيو ته اڃا توهان کي ٻيا به تحفا ڏيڻا آهن.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ