لاهور – 09 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جعلي خبر جو سهارو وٺي نواز شريف تي مني لانڊرنگ جو الزام هنيو پيو وڃي، نيب چيئرمين پاران نواز شريف تي مني لانڊرنگ جو الزام کل جوڳو آهي، نيب افواهن تي جاچ ڪري رهي آهي، نيب جي گواهن به نواز شريف جي حق ۾ گواهي ڏني آهي، اڄ تائين محمد نواز شريف جي خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت ناهي ٿي. هو سروسز اسپتال ۾ گهرو وزير پروفيسر اح??ن اقبال جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ۽ مجيب الرحمان شامي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اح??ن اقبال سدائين مل?? ۽ قوم جي خدمت ۽ مل??ي ترقي جي ڳالهه ڪئي، قوم جي دعائن سان جلد هو اسان جي وچ ۾ هوندو ۽ مل?? ۽ قوم جي خدمت جو سفر ٻيهر شروع ڪندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی