اس??ام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) اط??اع??ت، نشريات، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته هن وقت پاڪستان جي ??لي??شن ڪيمشن جيتري طاقتور آهي ايتري دنيا ۾ ڪابه ??لي??شن ڪيمشن طاقتور ناهي، دهشتگردن جو هدف سياستدانن ذريعي جمهوريت کي نقصان پهچائڻ آهي، حڪومت، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لا??و ڪندڙ ادارا ملڪ دشمن عنصرن جي انهن ناپاڪ مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. هو پي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته ملڪ ۾ تازن دهشتگردي جي واقعن ۾ پرڏيهي طاقتون، ملڪ دشمن عنصر ۽ اندروني طاقتون شامل آهن انهن جو مقصد اهو آهي ته چونڊون ڪيئن به ملتوي ٿين، دهشتگردي جي واقعن جو مقصد ماڻهن ۾ خوف پکيڙڻ ۽ ملڪ ۾ جيڪا اتحاد جي فضا آهي ان کي ختم ڪرڻ آهي، دهشتگردن جو ٽارگيٽ سياستدان آهن، ان جي ذريعي جمهوريت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
دهشتگردن جو هدف سياستدانن ذريعي جمهوريت کي نقصان پهچائڻ آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی