اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي عوام سان ڪيل پنهنجا واعدا پورا ڪيا آهن، حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن جي تحفظ لا??ِ قانوني قدمن سميت سمورا قدم کڻي رهي آهي. هن اها ڳالهه هيڊ اسٽارٽ اسڪول جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. اها ملاقات نوجوان اڳواڻن ۽ مختلف سرڪاري ۽ نجي ادارن جي شاگردن کي وزيراعظم آفيس ??هرائڻ ۽ حڪومت جي اعليٰ ترين آفيس جي معاملن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ قدمن جو حصو هئي.
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania