اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، جاپان پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جاپاني سفير ڪوني اوري ماتسودا سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر جاپان جي بادشاهه ??اروهين تو جي سالگرهه تي جاپاني سفير کي ??بارڪباد جو پيغام ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مختلف شعبن ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، پاڪستان انهن لاڳاپن کي ??ڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جي عمل ۾ خدمتن جي ڪري هتي جاپان بابت خيرسگالي ??و جذبو موجود آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، جاپان پاڪستاني معيشت خاص طور تي زراعت، آٽو موبائيل، ٽيڪنالاجي ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبن ۾ دستياب ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جاپان حڪومت جي قرضن جي ادائيگين کي ??لتوي ڪرڻ جي فيصلي ۽ ڪوويڊ 19 کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي ساراهي ٿو.
پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر