اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي ل??ءِ انتهائي ضروري آ??ي، پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن. اهڙو اظهار هن پنهنجي چيني هم منصب وانگ زي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي پرڏيه?? وزيرن وچ ۾ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
پرڏيه?? وزير چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي ل??ءِ انتهائي ضروري آ??ي، ان جي روشني ۾ پاڪستان افغان امن عمل جي پرعزم حمايت ڪئي. هن پاڪستان ۽ چين ٽرائيڪا پلس جو حصو هوندي امن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. پرڏيه?? وزير افغانستان جي صورتحال ۽ آئينده جي ل??ئحه عمل ج?? حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ رٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت چيني هم منصب کي آگاهه ڪيو. موجوده صورتحال ۾ نهايت ضروري آهي ته افغان عوام ۽ ان جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
پرڏيه?? وزير زور ڀريو ته افغانستان جو جامع سياسي تصفيه ضروري آهي جنهن جي ل??ءِ سمورن افغانين کي ملي ڪم ڪرڻ گهرجي. پرڏيه?? وزير چيو ته عالمي برادري طرفان افغان عوام جي حمايت جاري رکڻ اڻٽر آ??ي، پرڏيه?? وزير شاه محمود قريشي هن ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري کي افغانستان جي مسلسل معاشي معاونت برقرار رکڻي پوندي. پرڏيه?? وزير پنهنجي چيني هم منصب کي افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نيڪالي ل??ءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين لوهي ڀائر ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن ۽ اهميت جي معاملن تي ويجها رابطا ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ جي روايت موجود آهي. پرڏيه?? وزير چيني پرڏيه?? وزير کي افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي علائقائي اتفاق راءِ جي حاصلات لاءِ پنهنجي متوقع دورن کان تفصيلي آگاهه ڪيو. پرڏيه?? وزير شاه محمود قريشي ۽ اسٽيٽ قائونصلر زانگ وي گڏيل مقصدن خاص ڪري افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.