لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ صرف وسيلن سا?? نه ذهني سوچ سا?? بدلجندو آهي، پاڪستان بدلجي رهيو آهي، اسان کي ان جي ترقي ۾ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سول سرونٽس ادارن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، بهترين اخلاق سا?? عوامي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻائين، پاليسي سازي دوران ديانتداري جي عنصر کي مضبوطي سا?? سنڀالي رکو ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، بيورو ڪريسي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هو نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 114 هين نيشنل مينيجمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو. ان موقعي تي ريڪٽر ڊائريڪٽر اعجاز منير ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا. صدر چيو ته بهترين علم اه?? هوندو آهي جيڪو اه?? سيکاري ته هاڻي به گهڻو ڪجهه ۽ سکڻ باقي آهي ۽ اسان کي ان شيءَ تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته علم ۽ رويو ڇا سيکاري ٿو ۽ ڇا نٿو سيکاري، علم سيکاريو ويندو آهي جڏهن ته رويو انسا?? ماحول ۽ ننڍپڻ کان ئي سکندو آهي، مشاهدي ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته انسانن جو رويو مختلف موقعن تي مختلف ماڻهن سا?? ڌار ڌار هوندو آهي، هن چيو ته اسان جو رويو سدائين پاڻ کان مٿي واري سا?? درست ۽ هيٺئين سا?? ڪجهه ٻيو هوندو آهي جنهن جو اسان کي احساس ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سا?? اسان کي مذهب ۽ نبي ﷺ جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته اسلامي تاريخ روايتن سا?? ڀري پئي آهي جنه?? مان اسان کي سبق ملي ٿو ته انسان جو انسان سا?? رويو ڪهڙو هجڻ گهرجي. صدر چيو ته جن ملڪن پنهنجا ادارا مضبوط ڪيا اه?? ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن ترقي ڪئي، هن چيو ته فيصلا سازي ۾ بيورو ڪريسي جو هٿ هوندو آهي جيڪڏهن ڪنهن فيصلا سازي ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪيو وڃي ته ان فيصلي جي رد ٿيڻ جا امڪان ناهن رهندا. هن چيو ته بيورو ڪريسي کي گهرجي ته عوامي مسئلن جي نشاندهي ڪري ان جي حل جي ڪوسش ڪري ۽ ماضي جي ناڪامين کي به نظر ۾ رکيو وڃي، صدر عارف علوي چيو ته سول سرونٽس عوامي خدمت دوران اخلاقيات ۽ همدردي جو دامن نه ڇڏين، هن چيو ته بيورو ڪريسي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي جيڪا ملڪ کي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي پر اڏهي کي ختم ڪرڻ آسان ڪم نه آهي، هن چيو ته جيڪي شيون اسان 2018ع ۾ شروع ڪيون انهن کي گهڻو اڳ شروع ٿيڻ گهربو هو، هن ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته انهن سا?? عوام کي، ملڪ ۽ قوم جي مستقبل کي ان حوالي سا?? ڪيتريون ئي اميدون لاڳاپيل آهن، توهان پاليسي سازي دوران انڪساري سا?? بهترين روين کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪرڻو آهي ۽ تقاضا به اها آهي ته سول سرونٽس ديانتداري سا?? پنهنجي اصولن کي نظر ۾ رکندي اهڙيون پاليسيون جوڙي جنهن سا?? ان تي عوام جي اعت??اد ۾ اضافو ٿئي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بيورو ڪريسي ۾ وڌ کان وڌڪ عورتون به شامل ٿين ته جيئن اه?? به عوامي خدمت ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ۽ هڪ توازن قائم ٿئي، ڊاڪٽر عارف علوي سول سرونٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اڀرندڙ اڳواڻ آهي، توهان ادارن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو ۽ بهترين اخلاق سا?? عوامي خدمت کي پنهنجو نصب العين ??ڻا??و ۽ پاليسي سازي دوران ديانتداري جي عنصر کي مضبوطي سا?? جهلي رکو ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، ان کان اڳ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي ريڪٽر ڊاڪٽر اعجاز منير آجياڻي وارو خطبو پيش ڪيو، صدر عارف علوي ڪورس جي 62 شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا ۽ کين ڪورس جي ڪاميابي سا?? مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.
ملڪ صرف وسيلن سان نه ذهني سوچ سان بدلجندو آهي: ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج