اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان کي دنيا جي پهرين گرين پريزيڊنسي طور پذيرائي ۽ سڃا??پ ملي آهي، پاڪستان جي نئين سر تعمير ۾ عوام، م??ڊيا، ڪاروباري طبقي، عالم سڳورن، حڪومت، عدليه ۽ دفاعي قوتن جو هڪ سٺو ميلاپ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گرين پريزيڊنسي ۾ بجلي مڪمل طور تي شمسي توانائي سان حاصل ٿي رهي آهي، سولر جي 1 ميگاواٽ بجلي هڪ لک 43 هزار وڻ لڳائڻ جي برابر آهي، سمورين ايل اي ڊي لائيٽس، هيٽ ريزسٽيوپينٽ، نامياتي فضلو، پاڻي جي بچت کانسواءِ ميواڪي ٻيلن ۾ هن سال 10 هزار ۽ گذريل سال 5 هزار ٻوٽا پڻ لڳايا ويا. هن چيو ته مشڪل وقت جي ب??وج??د اسان اڀري رهيا آهيون ۽ سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ حڪوم??ي خرچ تي نه پر اسان جي پاڪستاني ڪاروباري ڪارپوري??نز سماجي ذميواري (سي ايس آر) تحت ڪيو انهن جا ٿورا مڃون ٿا.
اسان کي دنيا جي پهرين گرين پريزيڊنسي طور پذيرائي ۽ سڃاڻپ ملي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس