اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ا??غان عوام کي انساني بحران کان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري آهي. پنهنجي ??وئ??ٽ ۾ وزيراعظم عمران خان برطانوي نشرياتي اداري جي افغان عوام کي درپيش غذائي کوٽ جي خطري بابت رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته مون ??فغانستان ۾ انساني بحران کان اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو، هاڻي خوراڪ جي عالمي اداري جي سربراهه ا??رٽ جاري ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو رهندو پر عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. برطانوي نشرياتي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ته ا??غانستان ۾ خزان جي موسم ۽ سرديءَ جي موسم جي شروعات سان ڪيترن ئي علائقن سوڪهڙي جون ??برون ??چي رهيون ??هن ۽ افغان عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگه?? ٿو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ا??غانستان ۾ عوام کي خوراڪ جي سخت کوٽ درپيش آهي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ سخت سرديءَ جي ڪري اهو بحران خوفناڪ صورت اختيار ڪري سگه?? ٿو. رپورٽ موجب خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنهن گذريل ڏينهن ڪابل جو دورو ڪيو هو، ان به صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته زمين تي بدترين انساني الميو جنم وٺي سگه?? ٿو، افغانستان ۾ 95 سيڪڙو عوام کي ناڪافي خوراڪ جا مسئلا درپيش آهن، 2 ڪروڙ 30 لک عوام بک طرف وڌي رهي آهي.
افغان عوام کي انساني بحران کان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج