اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ اسڪيم?? جي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ هروڀرو آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اينڊ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي باري ۾ جائزه اجلاس ٿيو، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوب?? لاهور ۽ ملڪ جي مستقبل جي لاءِ اهم آهي. منصوبن ۾ ماحول دوست مٽيريل جو استعمال ڪيو وڃي، گرين اربنائزيشن ماڊل ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته ترقياتي منصوبا شهري?? جي سهولت ۽ معاشي ترقي لاءِ شروع ڪيا آهن، حڪومت غير فعال اثاثن کي سيڙپڪاري ??ي قابل بڻائي رهي آهي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ بناجواز آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي پهرين مرحلي ۾ سئو ارب روپي?? جي سيڙپڪاري متوقع آهي.
وزيراعظم پاران غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II