اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ??رمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايوان ??در ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي سلامتي ۽ علائقائي ??ور??حال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف صدر کي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي تيارين ۽ دهشتگرد عنصرن جي خلاف قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته هٿياربند فوج ملڪ مان ??سڪريت پسندن ۽ شرپسندن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي صدر سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو جن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ عسڪريت پسندن جي خلاف تازين ڪاررواين ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. هن چيو ته قوم کي پنهنجي هٿياربند فوج جي قربانين تي فخر آهي جن سدائين هر قسم جي مشڪلاتن جي خلاف قومي سرحدن جو دفاع ڪيو.
مضمون کا ماخذ : loteria estadual