پنڊ دادن خان – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ جو وزيراعظم ۽ عوامي نمائندو اهو هجڻ گهرجي جيڪو ماڻهن جي عزت ۾ اضافو ڪري سگهي، عمران خان جي ليول جو ڪو ليڊر پا??ست??ن ۾ موجود نه آهي، ا??ان جا مخالف سياسي ڄامڙا آهن، انهن جو آواز عالمي سطح تي نه ٿو ٻڌو وڃي، اسلامو فوبيا سميت مختلف معاملن تي عالمي برادري عمران خان جي موقف کي سدائين ٻڌو آهي، چين جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو ويو. پنڊ دادن خان ۾ صحافين ??ان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 23 سالن کانپوءِ ڪو به پا??ست??ني ليڊر ماسڪو جو دورو ڪرڻ و??ي رهيو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جو روس جو دورو گيم چينجر هوندو، چين کانپوءِ روس ??ان پا??ست??ن جا مستحڪم لاڳاپا قائم ٿيڻ و??ي رهيا آهن. هن چيو ته مريم نواز لنڊن مان پنهنجو پئسو واپس کڻي اچي ته حالتون ڪافي بهت?? ٿي وينديون، مريم نواز کي احساس آهي ته پنهنجي بابا ۽ ڀائرن کي چوي ته پا??ست??نين جو پئسو واپس ڪن. هن چيو ته جيڪي ا??ان جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ چاهين ٿا انهن جي گهروارا به انهن تي اعتماد نه ٿا ڪن. مخالف ڌر سينيٽ ۾ اڪثريت جي باوجود پنهنجا ووٽ پورا نه ڪرائي سگهي، مخالف ڌر ۾ جرئت آهي ته سڀاڻي ئي عدم اعتماد کڻي اچي، عمران خان جي حڪومت کي وفاق ۽ پنجاب ۾ ڪو خطرو نه آهي. هن چيو ته جهانگير ترين ??ان احترام جو تعلق آهي، اميد آهي ته هو پارٽي ??ان گڏ رهندو. جهلم ۾ بلدياتي چونڊون پهرين مرحلي ۾ آهن پي ٽي آءِ جا ڪارڪن تياري ڪن، جهلم جي عوام ??ان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا آهن ۽ وقت اچي ويو آهي ته جهلم جي ماڻهن جو اعتماد ٻيهر حاصل ڪيو وڃي ۽ انشاءَ الله ماضي وانگر هن ڀيري به پي ٽي آءِ جهلم ۾ ڪلين سوئپ ڪندي. وفاقي وزير چيو ته محسن بيگ مراد سعيد جي لاءِ جيڪا بيهوده زبان استعمال ڪئي ان تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪئي، پا??ست??ن جو ڪو به شخص محسن بيگ جهڙي طرز ڪلام جي حمايت نه ٿو ڪري، قانون ان کي احترام سيکارڻ چاهي ٿو، مراد سعيد اڳتي وڌي معاملي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي پوري قوم ان ??ان گڏ بيٺل آهي.
ملڪ جو وزيراعظم ۽ عوامي نمائندو اهو هجڻ گهرجي جيڪو ماڻهن جي عزت ۾ اضافو ڪري سگهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا