اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي غير رجسٽرڊ کنڊ جي ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هد??يت ڪئي آهي. هن ايف بي آر کي 60 ڏينهن ۾ جامع عملدرآمد رپورٽ وفاقي محتسب ۾ جمع ڪرائڻ جي به هد??يت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ کنڊ جي وڏن خريدارن ۽ غير رجسٽرڊ ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ايف بي آر وٽ ڊيٽا جي دستيابي جي باوجود وڏي مقدار ۾ کنڊ جا خريدار ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن، صدر چيو ته کنڊ جي غير رجسٽرڊ خريدار ٽيڪس ا??ائ??گي جي قومي ذميداري ادا نه ڪري رهيا آهن، صدر ايف بي آر جي وفاقي ٽيڪس محتسب جي هد??يتن جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي. وفاقي ٽيڪس محتسب پرائيويٽ شوگر ملز کان کنڊ جي غير رجسٽرڊ خريدارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ تحقيقات جو آغ??ز ڪيو هو، گذريل چئن سالن دوران ملز مختلف غير رجسٽرڊ خريدارن کي 2.7 ارب روپين جي کنڊ فراهم ڪئي، صرف ٽن خريدارن وٽ قومي ٽيڪس نمبر هو، ايف بي آر ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو، شوگر ملن وٽ کنڊ جي سپلائي ۽ خريدارن جو رڪارڊ هوندو آهي، ايف بي آر شوگر ملن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، محتسب چيف ڪمشنر، ايل ٽي او ڪراچي کي هد??يت ڪئي ته هو غير رجسٽرڊ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪري، ايف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي هئي. صدر چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز غير رجسٽرڊ خريدارن جي معلومات گڏ ڪرڻ ۾ چوڪس نه آهي، ايف بي آر ملز جي ماهوار سيلز ٽيڪس گوشوارن تي مطمئن آهي، ڊيٽا جي جاچ نه پئي ڪئي وڃي، ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز شوگر ملز جي ڊيٽا جو وقت سر تجزيو ڪري خريدارن جا تفصيل حاصل ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته ايف بي آر جي پنهنجي فرضن جي ا??ائ??گي ۾ سنگين غفلت ۽ نااهلي بدانتظامي جي برابر آهي، ٽيڪس ا??ائ??گي وڌائڻ لاءِ محتسب جي سفارشن کي کنڊ جي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي، صدر هد??يت ڪئي ته ايف بي آر 60 ڏينهن ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب کي عملدرامد جي جامع رپورٽ پيش ڪري.
صدر پاران ايف بي آر کي غير رجسٽرڊ کنڊ جي ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات