واشنگٽن -05 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ملڪ ۾ آيل ٻوڏکي وڏي تباهي قرار ڏيندي چيو آه??، ته ماحولياتي تبديلي جي وڏي پئماني تي تباهه ڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي امداد جي ضرورت آه??. اها ڳالهه هن آمريڪي چينل فاڪس نيوز جي پروگرام آن داهل ۾ چئي. هن چيو ته پاڪستان کي ماضي ۾ پڻ قدرتي آفتن جو منهن ڏسڻو پيو ۽ اسان ان جو مقابلو ڪيو، ان سلسلي ۾ هڪ وسيع نظام جوڙيو ويو پر هلندڙ سال ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي ??ئي?? جنهن لاءِ هي نظام ناڪافي آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ هن رليف ۽ ??يس??يو آپر??شن لاءِ 30 ملين ڊالر امداد ??راهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت ۽ قيادت جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته اسان کي امريڪا کان همدردي ۽ يڪجهتي جا پيغام ملي رهيا آه??، جيڪي ساراهه جوڳا آه??. هن چيو ته پاڪستان جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏل آه?? جنهن سبب 1300 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون ۽ 3 ڪروڙ 30 لک گهر تباهه ٿيا. سفير چيو ته رليف اينڊ ??يس??يو لاءِ کاڌي پيتي، پناه گاهن، دوائن ۽ خيمن تي ٻڌل امداد ??اءِ فضائي ڪوريڊور يا فضائي پل قائم ٿيا آه??، ڇاڪاڻ ته هي انتهائي فوري ضرورت جون شيون آه??، اسان کي انساني جانين کي بچائڻو آه?? ان لاءِ انهن شين تي ٻڌل امداد جي آجيان ڪنداسين. مسعود خان چيو ته آمريڪي اداري يو ايس ايڊ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي جائزو وٺي رهيو آه??. ان کان علاوه هتي ڪيترين ئي تنظيمن طرفان پڻ پاڪستان لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد ??وڪلي پئي وڃي.
ٻوڏ سبب وڏي تباهي ٿي آهي، ماحولياتي تبديلي جي تباهه ڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي امداد جي ضرورت آهي: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ