اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو اطلاعات وارو ??زير شرجيل انعام ميمڻ به موجود هو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي صوبي ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي حوالي سان پي?? رفت تي بريفنگ ڏني. هن ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ تباهه ٿيل انفرااسٽڪچر جي بحالي جي لاءِ وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي تي ٿورو ادا ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) جي تعمير ۽ ٿرڪول مائين جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏيڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورت حال به بحث هيٺ آئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ