ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب ام??رات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (ر??ل اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جو اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي جي دوري جي پهرين ڏينهن گڏيل عرب ام??رات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي. يو اي اي جي صدر وزيراعظم جي ابوظهبي آجيان ڪندي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل عرب ام??رات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀائر ملڪ جي دوري جي دعوت تي گڏيل عرب ام??رات جي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ٻنهي اڳ??اڻ?? پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳ??اڻ?? گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳ??اڻ?? سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، حصيداري جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي جي رفتار تي به اطمينان جو اظهار ڪيو. جڏهن ته لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باضابطا ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي گڏيل عرب ام??رات جي ص??ر 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (ر??ل اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جي اضافي قرض جي فراهمي تي به اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف يو اي اي جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن تي هن رضامندي جو اظهار ڪيو جنهن جي لاءِ تاريخ جو تعين ??فارتي ذريعن جي ذريعي ڪيو ويندو.
گڏيل عرب امارات جي صدر پاران 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ ۽ هڪ ارب ڊالر جو اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : رومن دولت