اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علم ۽ جديد مهارتن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ اخلاقي قدرن ۽ همدرديءَ جي جذبن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ?? تيز فيصلا ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس وغيره جهڙن شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ديانتداري، اخلاقيات ۽ قدر اختيار ڪندي پنهنجي اندر معاشري جي ڪمزور طبقن جي خدمت ۽ همدرديءَ جو جذبو پيدا ڪن. صدر چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ مالي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ?? تيز فيصلا ڪرڻا پوندا. جڏهن ته ملڪ کي تيز رفتار ترقي جي رستي تي وجهڻ جي لاءِ ديانتدار قيادت لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پرائمري سطح تي داخلائن جي شرح رڳو 68 سيڪڙو آهي جڏهن ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ ا??ا شرح 98 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.
پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پوندا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa