اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، و??اق ڪٿي به اهو ناهي چيو ته اسان چونڊون نه ڪرائينداسين، چونڊن جو انعقاد حڪومت نه اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ??يم ايف جون ڳالهيون جاري آهن، حتي الامڪان ڪوشش آهي ته آءِ ??يم ايف سان ڳالهيون پاڪستان جي حق ۾ ٿين، ان ڏس ۾ قياس آرائيون نه ٿيڻ گهرجن، قياس آرائين ۾ ڪنهن جو فائدو نه آهي. هن چيو ته هي اهو ئي آءِ ??يم ايف معاهدو آهي جيڪو عمران خان ڪري ويو ه??، گذريل حڪومت ان معاهدي کي معطل ڪري ڪئي وئي هئي، موجوده حڪومت ملڪ کي ڊيفالٽ طرف وڃڻ کان بچايو. هن چيو ته سڀني کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ٿورو انتظار ڪريو، آءِ ??يم ايف سان جيڪو معاهدو ٿيندو قوم آڏو آڻينداسين. هن چيو ته هڪ طرف کان آءِ ??يم ايف ڳالهين بابت ذريعن کان خبرون هلائي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، ميڊيا کي به گهرجي ته اه?? آءِ ??يم ايف ڳالهين بابت حڪومت يا ناڻي واري وز??رت جون تصديق ٿيل شيون قوم آڏو آڻي.
ايندڙ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، وفاق ڪٿي به اهو ناهي چيو ته اسان چونڊون نه ڪرائينداسين: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن