ڪراچي – 06 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ناليواري اداڪار محمد قوي خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته قوي خان جي لاڏاڻي س??ن فن جي دنيا جو هڪ باب ختم ٿي ويو. قوي خان مرحوم پنهنجي فن جي ڪري س??ائين زندهه رهندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دعاڳو آهيان ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. هن چيو ته ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. الله تعاليٰ انهن ک?? صبر ۽ جميل عطا فرمائي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قوي خان مرحوم جي چاهيندڙن سان به دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل